خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙو

خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙو

خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙو

خانبهادر محمد پريل ڪلهوڙو: دادو ضلعي جو مشهور زميندار ۽ سماجي اڳواڻ خانبهادر محمد پريل ولد ميان قادر بخش ڪلهوڙو، 10 آڪٽوبر 1884ع تي اگهاماڻي (تعلقي ميهڙ) ۾ ڄائو. سندس والد رواجي ملڪيت وارو ماڻهو هو، پر مقاطعن کڻڻ، محنت ڪرڻ ۽ ڪفايت شعاريءَ ذريعي چڱي ملڪيت ٺاهي ويو. ميان محمد پريل ڪلهوڙي ابتدائي تعليم مقامي اسڪول ۾ ورتي، جتان ورنيڪيولر فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ تپيداريءَ جو ڪورس پاس ڪري تپيدار طور سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. 27 مئي 1935ع تي والد جي وفات کان ڪجهه وقت اڳ نوڪري ڇڏي اچي پنهنجون زمينون سنڀالڻ ۽ مقاطعي کڻڻ جي ڪاروبار ۾ مشغول ٿيو. سگهو ئي جفاڪشيءَ ۽ هوشياريءَ سان زمين وڌائي، ڪافي ملڪيت ۽ پئسو گڏ ڪري ويو. پوءِ اگهاماڻيءَ مان لڏي بالي شاهه اسٽيشن (تعلقو دادوءَ) جي ڀر ۾ پنهنجو ڳوٺ ٻَڌائي ويٺو. گهر ۽ مهمان خاني لاءِ پڪيون عمارتون ٺهرايائين، دسترخوان جو ڪشادو هو. ڪامورن سان سٺا لاڳاپا هئس. مهل سر ماڻهن جا ڪم ڪاريون ڪري، نالو ڪڍائي ويو. دادو ضلعي ٿيڻ (1931ع) بعد، آفيسرن جي راضپي ڪري ذري ضلعي ۾ هي پهرئين نمبر تي شمار ٿيڻ لڳو. 1933ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ جي پريزيڊنٽيءَ جي چونڊ ٿي. سندس مخالفن ميان يار محمد جوڻيجي کي بيهاريو. ٻئي طرف جي. ايم. سيد به اميدوار هو، پر آفيسر جي مدد ۽ رسوخ سان پريزيڊنٽ چونڊجي ويو. پريزيڊنٽيءَ وارو اوائلي دور سندس اوج جو زمانو هو. پنهنجي عزيز موسيٰ خان ڪلهوڙي کي اسڪولبورڊ جو چيئرمئن چونڊرايائين. سندس فرزند ميان شمس الدين ميهڙ تعلقي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو. ضلعي لوڪلبورڊ جي اجلاس وقت سوين ماڻهو لوڪلبورڊ جي ميٽنگ ڏسڻ ايندا هئا، جن لاءِ ديڳيون رڌائي کين ماني کارائيندو هو. انهن مان ڪي نوڪرين جا طالبو هوندا هئا، ڪن کي بندوق جا پروانا کپندا هئا، اهي سڀ ڪم هن جي معرفت ٿيندا هئا.
محمد پريل خان ڪلهوڙو نماز روزي جو پابند هوندو هو. وڏيءَ عمر ۾ مولوي رکي فارسي ۽ عربي پڙهيو. ان لاءِ هن ڳوٺ ۾ هڪ عاليشان مدرسو قائم ڪيو، جنهن ۾ غريب شاگردن جي رهائش، کاڌي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو خرچ ڀريندو هو. علائقي ۾ ڪيترا ترقياتي ڪم ڪرايائين. انگريز ڪامورن جون دعوتون ڪندو هو. سماجي خدمتن جي ڪري انگريز سرڪار کيس ’خانبهادر‘ جو لقب ڏنو. هڪ سج ٻه پاڇا آهي. اڳتي هلي لوڪلبورڊ جي چيف آفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي مقرريءَ تان اختلافن سبب ۽ گهڻ خرچائو هئڻ ڪري سندس حيثيت گهٽجي وئي، انڪوائري ڪميٽيءَ هن خلاف رپورٽ ڪئي. ان ڪري پهرين موڪل وٺي ويو ۽ پوءِ بمبئيءَ گورنمينٽ جي حڪم تي استعيفا ڏنائين. ٻيو ڀيرو جڏهن جي. ايم. سيد، سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊيو، ته ڪليڪٽر خانبهادر نور نبيءَ جي مدد سان ضلعي لوڪلبورڊ جو صدر چونڊيو، پر اڳيون اوج نه رهيس.
محمد پريل خان، 7 آڪٽوبر 1946ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1884.10.10  عيسوي

دادو ضلعي جو مشهور زميندار ۽ سماجي اڳواڻ خانبهادر محمد پريل ولد ميان قادر بخش ڪلهوڙو، 10 آڪٽوبر 1884ع تي اگهاماڻي (تعلقي ميهڙ) ۾ ڄائو.


1946.10.07  عيسوي

محمد پريل خان، 7 آڪٽوبر 1946ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاضي دوست محمد اول
جماڻي مدن
ادريس لغاري
تانتيا ٽوپي
ڀڳونتي پي چانڊواڻي
رحماني مفتي خان محمد
الياس ٿري
ٿڌاڻي هوتچند
پير سعيد حسن
بختيار بيگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون